حڪومت اڪيلي سر ڪرپشن جي خلاف جنگ نٿي وڙهي سگهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته طاقت جو غلط استعمال ڪندڙ عوام جي محنت سان ڪمايل آمدني کي ڦرڻ چاهين ٿا پر انهن کي پنهنجي ڪيل عملن جو نتيجو ڀوڳڻو پوندو آهي.

ڪرپشن جي خلاف عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان جي نوجوان نسل اهڙي مستقبل جي مستحق آهي جيڪو ڪرپشن کان پاڪ هجي، ايندڙ نسلن جي لاءِ شفاف معاشري جي  قيام جون ڪوششون جاري رکيون وينديون

وزيراعظم چيو ته ڪرپشن ۽ بدعنواني جو عنصر آهي، ڪرپشن ملڪ جي معاشي ترقي کي نقصان پهچائي ٿي. شهباز شريف چيو ته ڪرپشن ۽ بدعنواني عوامي خدمتن جي فراهمي کي سخت متاثر ڪري ٿي، بدعنواني حڪومتن ۽ انهن جي شهرين وچ ۾ عدم اعتماد جو وڏو سبب آهي، طاقت جو غلط استعمال ڪندڙ عوام جي محنت سان ڪمايل آمدني کي ڦريندا آهن انهن پنهنجي عملن جي نتيجن جو منهن ڏيڻو پوندو آهي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت تي هر سطح تي بدعنواني کي جڙ کان پٽي اڇلڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهي ڳالهه کي يقيني بنائڻ جي لاءِ اڻثڪ محنت ڪري رهيا آهن اسان پنهنجي ادارن جي محنت جي تعريف ڪريون ٿا ۽ معاشري مان بدعنواني کي جڙ کان پٽي اڇلڻ جي لاءِ انهن سان گڏ آهيون.

هن چيو ته حڪومت اڪيلي سر ڪرپشن جي خلاف جنگ نٿي کٽي سگهي، هر شهري، ڪميونٽي ۽ هر اداري جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔