بائيڊن مختلف ڏوهن ۾ ملوث پنهنجي پٽ کي معاف ڏئي ڇڏي

واشنگٽن : آمريڪي صدر جو بائيڊن پنهنجي پٽ هنٽر بائيڊن کي ڪيترن ئي ڏوهن جي معافي ڏئي ڇڏي.پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪالهه وائيٽ هائوس هڪ بيان جاري ڪري ان معافي جي تصديق ڪئي.جاري ڪيل بيان موجب صدر جو بائيڊن پنهنجي پٽ هنٽر بائيڊن جي معافي واري معاهدي تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ کيس پهرين جنوري 2014ع کان پهرين ڊسمبر 2024ع تائين سمورن ڏوهن جي مڪمل ۽ غير مشروط معافي ملي وئي آهي.آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي آهي ته هن انصاف کاتي جي فيصلن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي.آمريڪي صدر جو بائيڊن هنٽر بائيڊن خلاف ڪيسن کي پراسيڪيوشن پاران چونڊيل ۽ غير منصفانه قرار ڏيندي چيو ته منهنجي پٽ کي منهنجي خانداني تعلق جي ڪري نشانو بڻايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔