صائم ايوب جي سينچري، زمبابوي کي 10 وڪيٽن تان شڪست

لاهور: ٻئين ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 146 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جيڪو پاڪستان 18.2 اوورن ۾ بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪري ميزبان ٽيم کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز هڪ هڪ تان برابر ڪري ورتي. اوپنر صائم ايوب 3 ڇڪن ۽ 17 چوڪن جي مدد سان 62 بالن تي 113 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، عبدالله شفيق 4  چوڪن جي مدد سان 48 بالن تي 32 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ابرار احمد 4، سلمان آغا 3، صائم ايوب ۽ فيصل اڪرم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستاني ٽيم ميچ ۾ سٺي بالنگ ڪئي ۽ 23 رنسن تي ٻنهي اوپنرن جون وڪيٽون حاصل ڪيون، زمبابوي جي پهرين وڪيٽ 1.3 ۽ ٻي وڪيٽ 3.5 اوورن ۾ ڪري پئي. بعد ۾ زمبابوي جي ٽئين، چوٿين ۽ پنجين وڪيٽ آغا سلمان ورتي، اهڙي طرح اڌ ٽيم 20.2 اوورن ۾ 97 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي. اهڙي طرح پاڪستان ميزبان ٽيم کي 33 هين اوور ۾ 145 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو.پاڪستان طرفان ابرار احمد 4 ۽ سلمان علي آغا 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته صائم ايوب ۽ فيصل اڪرم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. زمبابوي جي بيٽسمين ڊيون مائرز 33 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، شان وليمز 31 ۽ ڪپتان ڪريگ ارون 18 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔