ماڻهن کي پئسا ڏئي آندو ويو، پنهنجن ٻارن کي احتجاج ۾ ڇو نٿا آڻيو: عطاتارڙ

اسلام آباد: وفاقي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ماڻهن کي پئسا ڏئي احتجاج جي لاءِ آڻدو ويو هي پنهنجن ٻارن کي احتجاج ۾ ڇو نه پيا آڻين.؟

صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پئسن تي ماڻهن کي احتجاج لاءِ آندو ويو آهي، اوهان ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاهيو؟ رتو ڇاڻ کان سواءِ  هنن جو گذارو نه آهي. پي ٽي آءِ وارا ملڪ ۾ تفرقو چاهين ٿا. بشريٰ بي بي به رتو ڇاڻ جو پلان جوڙي آئي آهي، هن چيو ته غريبن جي ٻارن کي ڇو استعمال ڪري رهيا آهيو؟ هي هاڻ 9 مئي جي مقصدن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. اسان پوليس ۽ رينجرز جي شهيد جوانن جو رت ڪنهن جي هٿ تي ڳولا ڪريون. بيلاروسي صدر جي دوري کي هي ماڻهو ناڪام ڪرڻ چاهين ٿا، رياست انتشارين جو ڪوبه مقصد پورو ٿيڻ نه ڏيندي.

هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان، پنجاب ۽ سنڌ مان ڪوبه ماڻهو احتجاج لاءِ ناهي نڪتو، هي ماڻهو ملڪي ترقي جو سفر روڪڻ چاهين ٿا، اسان جي صبر جو وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي. اسان ڪنهن کي به اسلام آباد جي امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. انتشارين کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔