ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي عوام جي جان، مال جي ڪابه فڪر نه آهي، قوم احتجاج جي نالي تي فساد جي سڏ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان شازيه مري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت امن امان جي بجاءِ هٿياربند ٽولن سان وفاق تي چڙهائي ڪرڻ ۾ مصروف آهي، بيگناهن جي قتل جي واقعن تي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ۽ پي ٽي آءِ ڇو خاموش آهي؟
هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت جي لاءِ انساني حياتين کان وڌيڪ پنهنجي قيادت عزيز آهي، تحريڪ انصاف جو هر احتجاج پرڏيهي ملڪن جي سربراهن جي اچڻ تي ئي ڇو ٿيندو آهي؟
هن چيو ته اهي فسادي اسلام آباد تي حملو ڪري قومي ڏوهاري کي آزاد ڪرائڻ چاهين ٿا، پي ٽي آءِ جمهوري طريقي سان احتجاج ۽ قانون جي دائري ۾ رهي نه پر فساد ۽ پرتشدد ڪارروائين جي ذريعي پنهنجي اڳواڻ جي آزادي چاهي ٿي.
پ پ ترجمان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪن پنهنجي قيادت کان سوال ڪن ته عمران خان جا ٻار انهي احتجاج ۾ لٺين جون تڪليفون برداشت ڪرڻ ڇو نه آيا آهن؟ پي ٽي آءِ جي احتجاج جي نالي تي فساد جي سڏ کي قوم رد ڪري ڇڏيو آهي.