اسلام آباد : اسلام آباد انتظاميا سي آءِ اي جي عمارت آءِ نائن کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.چيف ڪمشنر اسلام آباد به ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.سي آءِ اي جي عمارت کي قيدي ايڪٽ 1894 جي سيڪشن 3 تحت سب جيل قرار ڏنو ويو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سب جيل جي تعمير جي منظوري قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزارت ڏني آهي.اسلام آباد انتظاميا جي درخواست تي سب جيل ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب هاڻوڪي احتجاج ۾ گرفتار ٿيلن کي جيل ۾ رکيو ويندو.