راولپنڊي ۾ انٽرنيٽ سروس سست رفتاري سان بحال

راولپنڊي : راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ سست رفتاري سان انٽرنيٽ سروس بحال ڪئي وئي.راولپنڊي کان اسلام آباد جا سمورا رستا ۽ لنڪ روڊ مڪمل طور بند آهن.ان کان علاوه راولپنڊي سان ملندڙ مري روڊ جا سمورا رستا ۽ گهٽيون به بند آهن.مري روڊ تي شمس آباد واري هنڌ ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي ۽ مري روڊ تي ڪاروباري مرڪز اڃا تائين بند آهن.مري روڊ کانسواءِ ٻين علائقن ۾ دڪان کولڻ شروع ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔