اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر سان رابطو ڪري کيس ڌرڻي يا ريلي جي اجازت نه ڏيڻ کان آگاهه ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر سان رابطو ڪيو آهي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ انهي سان موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آهن.
محسن نقوي بيرسٽر گوهر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جا پابند آهيون، ڪنهن به جلوس، ڌرڻي يا ريلي جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.
وفاقي گهرو وزير بيرسٽر گوهر کي بيلاروس جي صدر جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطح جي 80 رڪني وفد جي 24 کان 27 نومبر جي مصروفيتن ۽ تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته بيلاروس جو اعليٰ سطحي وفد 24 نومبر تي اسلام آباد پهچي رهيو آهي جڏهن ته بيلاروس جو صدر 25 نومبر تي پاڪستان پهچندو. هن ٻڌايو ته بيلاروس جو وفد 27 نومبر تائين اسلام آباد ۾ رهندو.