سموگ خلاف مهم جاري رکڻ جو اعلان

لاهور: پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سموگ ۾ گهٽتائي باوجود انسداد اسموگ مهم جاري رهندي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسڪول کولڻ باوجود احتياطي اپاءَ ورتا پيا وڃن، زگ زيگ ٽيڪنالاجي کان سواءِ هلندڙ 15 ڀٽن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي.مريم اورنگزيب چيو ته ملتان ۾ 9، رحيم يار خان ۾ 5 ۽ جھنگ ۾ هڪ ڀٽي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گوجرانوالا، رحيم يار خان ۽ شيخوپوره ۾ 3 صنعتي يونٽن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.هن چيو ته لاهور ۾ 12 ۽ پنجاب جي ٻين شهرن ۾ 10 يونٽس ماحولياتي قانونن جي ڀڃڪڙي تي سيل ڪيا ويا آهن.صوبائي وزير چيو ته بابو صابو، سگيان ۽ ٻين رستن تي هيلي ٽرانسپورٽ جي داخلا تي پابندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔