لاهور: صوبائي راڄڌاني لاهور فضائي آلوگي جي حساب سان لاڳيتو پهرين نمبر تي آهي. ايندڙ 3 ڏينهن تائين صورتحال وڌيڪ بدترين ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
شهر جو ايئرڪوالٽي انڊيڪس 1165 جي خطرناڪ سطح تائين پهچي ويو. شهر جي فضا ۾ ڪيميائي مادن جو انگ عالمي صحت واري اداري گائيڊ لائنز مان 131 ڀيرا وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
عالمي ايئر مائينرز موجب شهر جي فضا ۾ ڪيميائي مادن جو انگ عالمي صحت واري اداري جي گائيڊ لائنز مان 131 ڀبيرا وڌيڪ آهي. ڊفينس فيز 8 جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 1696، ڊيوس روڊ 1464، گلبرگ جو 1306 رڪارڊ ڪيو پيو وڃي.
ڊفينس فيز 5 جو انڊيڪس 1212، ڪينٽ جو 1232، شادمان جو انڊيڪس 1165، مال روڊ جو 1065 فيروز پور روڊ جو 874، جوهر ٽائون، ٽائون شپ جو 782 رڪارڊ ڪيو پيو وڃي.
موسمياتي اداري خبردار ڪندي ٻڌايو ته ايندڙ 3 ڏينهن تيز هوائن سبب اسموگ جي صورتحال وڌيڪ بدترين ٿيڻ جو امڪان آهي. طبي ماهرن شهرين کي غير ضروري گهرن مان ٻاهر نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ٻاهر نڪرندي ماسڪ جو استعمال لازمي ڪن.
ٻئي پاسي سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب شهرين کي ايندڙ 3 ڏينهن تائين سختي سان احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته موسمياتي ماهرن جي مشاورت سان مصنوعي برسات جو آپشن استعمال ڪنداسين