ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ مانيٽري پاليسي جاري ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح ۾ اڍائي سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي.
اسٽيٽ بينڪ موجب زرعي پاليسي ڪميٽي پنهنجي اڄوڪي اجلاس ۾ پاليسي ريٽ کي 250 بيسز پوائنٽ گهٽ ڪري 15 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته مهانگائي اميد کان وڌيڪ تيزي سان گهٽ ٿي آهي ۽ آڪٽوبر ۾ پنهنجي وچ واري مدي ويجهو پهچي وئي آهي. آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان جي نئين پروگرام جي منظوري ڏني جنهن سان غير يقيني واري ڪيفيت گهٽ ٿي آهي، گڏيل طور تي ٻاهرين رقم جي اچڻ جا امڪان بهتر ٿيا آهن.
اسٽيٽ بينڪ ٻڌايو ته آڪٽوبر ۾ ڪيل سرويز مان صارفين ۽ ڪاروباري ادارن ٻنهي جي ڀروسي ۾ بهتري ۽ مهانگائي جي اميدن ۾ گهٽٽائي ظاهر ٿي. پهريان چئن مهينن جي دوران ٽيڪس وصولي حدف کان گهٽ رهي.
اسٽيٽ بينڪ موجب موجوده شرح سان معاشي استحڪام کي هٿي ملندي ۽ پائيدار بنياد تي معاشي حدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ياد رهي ته انهي کان اڳ سيپٽمبر ۾ به اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي هئي جنهن کان پوءِ وياج جي شرح 17.5 سيڪڙو هئي