نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)بين الاقوامي خلائي اسٽيشن (ISS) تي سوار خلاباز هڪ ڏينهن ۾ 16 کان وڌيڪ سج اڀرڻ ۽ غروب ٿيڻ جو تجربو ڪندا آهن.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 58 سالن جي خلاباز سنيتا وليمز جو چوڻ آهي ته مان هن تيز رفتار اسپيس شٽل مان روزانو 16 سج اڀرڻ ۽ غروب ٿيڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿي، جنهن لاءِ مون کي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي.واضح رهي ته بوئنگ اسٽار لائنز خلائي جهاز جي واپسي جي شيڊول ۾ دير ٿيڻ سبب خلابازن جو اهو سفر طئي ٿيل شيڊول کان وڌايو ويو آهي، هاڻي اهي ممڪن طور فيبروري 2025 تائين واپس اچي سگهن ٿا.ٻئي خلاباز هي اضافي وقت استعمال ڪري رهيا آهن اهم تحقيق ۾ حصو وٺڻ ۽ منفرد خلائي تجربا ۽ دريافتون ڪرڻ لاءِ آهي