ايران تي حملن جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، نائب صدر محمد رضا

تهران : ايران جي نائب صدر محمد رضا عارف اسرائيل کي جوابي ڪارروائي جي خبردار ڪندي چيو آهي ته تهران خلاف جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.ايراني ميڊيا موجب نائب صدر محمد رضا عارف تهران ۾ حماس ۽ حزب الله جي نمائندن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون.ان موقعي تي محمد رضا عارف ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته جارحيت ڪندڙن کي جواب جو انتظار ڪرڻ گهرجي، اسرائيل کي مناسب وقت ۽ حالتن ۾ ڀرپور جواب ڏنو ويندو.ٻئي طرف ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسرائيلي فوجي مرڪزن تي حملا گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.هن چيو ته ايران کي ان جارحيت جو مناسب جواب ڏيڻ جو پورو حق آهي، انهن حملن کي غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي کان الڳ نٿو ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔