پيٽرول جي کوٽ ۽ محدود مقدار ۾ وڪري سبب واپاري سرگرميون سخت متاثر

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي کان پوءِ ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول جي کوٽ ۽ محدود مقدار ۾ وڪرو جاري آهي جنهن سبب واپاري سرگرميون سخت متاثر ٿيون آهن.

راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ پيٽرول جي بحران ۾  بهتري اچڻ شروع ٿي وئي آهي. ٻنهي شهرن جي پيٽرول پمپن تي پيٽرول ملي رهيو آهي جڏهن ته ڳوٺانن علائقن جي پمپن تي پيٽرول جي کوٽ برقرار آهي. اڪثر گراهڪن کي محدود مقدار ۾ پيٽرول ڏنو پيو وڃي.

حڪومت تيل سستو ڪيو پر ان کان پوءِ پيٽرول جو بحران شروع ٿي ويو آهي. وفاقي حڪومت جي نوٽيس تي اوگرا حرڪت ۾ اچي ويو، نائين ڏينهن گهڻا پيٽرول پمپ کلي ويا ڪجهه وڏن پمپن تي موٽرسائيڪلن کي 2 کان اڍائي ليٽر ۽ گاڏين کي 10 کان 15 ليٽر پيٽرول ڏنو پيو وڃي.

خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪيترائي پيٽرول پمپ مڪمل طور تي بند آهن. لاهور ۾ 400 پيٽرول پمپن مان ڪافي بند آهن. شهر کي صرف ڇهه کان ست لک ليٽر تيل ڏنو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔