صحت بابت عالمي اداري جي تجويزن تي عمل ڪرڻ ضروري ناهي: ظفر مرزا

اسلام آباد: وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا صحت جي عالمي اداري جي خط تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڊبليو ايڇ او جي تجويزن تي عمل ڪرڻ ضروري ناهي.

رپورٽ موجب صحت جي عالمي اداري پاران موڪليل خط جي حوالي سان هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته اسان پنهنجي عوام جي بهترين مفاد ۾ بهترين خودمختار فيصلا ڪيا آهن ۽ ڪورونا وائرس جي معاملي تي سوچيل سمجهيل حڪمت عملي تي ڪم ڪيو.

ڊبليو ايڇ او کي صرف وبا کي ڏسڻو هوندو آهي. ان جي تجويزن تي عمل ڪرڻ ضروري ناهي. پاڪستان هن وبا سميت صحت جي شعبي ۾ صحت جي عالمي اداري سان گڏ پراڻي ڀائيواري کي اهميت ڏيندو آهي. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ڪورونا وائرس سان گڏ زندگي کي به هلائڻو آهي. ڪابه خبر ناهي ته وائرس ڪيترو وقت رهڻو آهي. جيڪي سيڪٽر بند آهن اهي بند ئي رهندا. عوام اهو سمجهيو ته ڪورونا عيد کان پوءِ ختم ٿي  ويندو جنهن کان پوءِ عوام طرفان احتياط نه ڪئي وئي.

ايندڙ ڏينهن دوران ڪورونا جا ڪيس وڌندي نظر اچي رهيا آهن عوام جي لاءِ جيڪي بهتر آهن اهي فيصلا ڪندا آهيون. حڪومت وٽ لاڪ ڊائون جو آپشن موجود آهي.

واضح رهي ته صحت جي عالمي اداري پاڪستان ۾ لاڪ ڊائون  دوران نرمي بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پهرين ۽ 22 مئي تي پابنديون ان وقت ختم ڪيون ويون جڏهن ملڪ ان فيصلي جي  لاءِ بنيادي تقاضن تي پورو نه ٿي لٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔