پاڪستاني وفد جي ڊائريڪٽر آءِ ايم ايف سان ملاقات، توانائي ۽ سرڪاري ادارن جي اصلاحات تي ڳالهيون

اسلام آباد:  پاڪستاني وفد جي آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر جهاد ازعور سان واشنگٽن ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ توانائي ۽ سرڪاري ادارن جي اصلاحات تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پاڪستاني وفد پاڪستان جي معاشي استحڪام ۾ حمايت فراهم ڪرڻ ۽ 7 ارب ڊالر جي توسيعي فنڊ سهولت جي منظوري تي آءِ ايم ايف جو ٿورو ادا ڪيو.

ملاقات ۾ حڪومتي وفد تي مالياتي استحڪام ۽ محصولات ۾ اضافي جي ڪوششن تي زور ڏنو ويو جڏهن ته پاڪستان کي استحڪام کان ترقي طرف کڻي وڃڻ جي ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر جهاد ازعور طرفان فنڊ پروگرام جي ڪامياب شروعات تي پاڪستان کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي. جهاد ازعور پاڪستان ۾ اصلاحات جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏيندي توسيعي فنڊ سهولت جي مسلسل حمايت ڪئي. جڏهن ته مالياتي استحڪام ۽ ترقي طرف وڌڻ تي پاڪستاني وفد خيالن جو اظهار پڻ ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔