وفاقي ڪابينه جو اڄ طلب ڪيل اجلاس ملتوي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينه جو اڄ طلب ڪيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي پر آئيني ترميم جي حوالي سان خصوصي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو

پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جا اجلاس به اڄ طلب ڪيا ويا آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي اجلاس جو ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. حڪومت آئيني ترميم قومي اسيمبلي جي بجاءِ پهريان سينيٽ ۾ آڻڻ تي غور ڪري رهي آهي.

سينيٽ اجلاس ٻنپهرن جو 3 وڳي ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻنپهرن جو 4 وڳي ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي سينيٽرز کي مانجهاندو به ڏيندو.

پيپلز پارٽي جي سيد خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن طرفان ڏنل آئيني مسودن کي گڏ ڪري هڪ مسودو ٺاهڻ تي مشاورت ڪئي ويندي. خصوصي ڪميٽي اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سميت ٻيون سياسي پارٽيون به شريڪ ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔