وفاقي سرڪار بند ڪيل آءِ پي پيز کي 72 ارب روپيه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار بند ڪيل 5 آءِ پي پيز کي تقريبن 72 ارب روپين جون ادائيگيون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب سڀني کان وڌيڪ ساڍا 36 ارب 50 ڪروڙ روپيه حبڪو کي ادا ڪيا ويندا جڏهن ته روش پاور کي ساڍا 15 ارب روپين جي ادائيگي ڪئي ويندي.

اي اي ايس لال پير کي 12 ارب 80 ڪروڙ روپيه ۽ اٽلس پاور کي 16 ارب روپيه ادا ڪيا ويندا. صبا پاور کي هڪ ارب روپيه ڏنا ويندا. بند ڪيل اهڙن سمورن پاور پلانٽس جي گڏيل پيداواري صلاحيت 2400 ميگاواٽ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔