26هين آئيني ترميم: قومي اسيمبلي اجلاس 18 آڪٽوبر تي گهرائڻ جو امڪان

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس 18 آڪٽوبر تي گهرائڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم تي بحث ڪئي ويندي.

ذريعن موجب 26هين آئيني ترميم جي حوالي سان حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڪافي حد تائين هڪ جهڙائي پيدا ٿي چڪي آهي، جڏهن ته حڪومتي ٽيم طرفان مختلف پارٽين سان به ملاقات جاري آهي.

آئيني ترميم جي مسودي تي حتمي ڳالهيون جاري آهي. انهي حوالي سان مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ اهم ملاقات اڄ ٿيندي. جي يو آءِ سربراهه شام 4 وڳي ڪراچي پهچندو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کان پوءِ مولانا فضل الرحمان جي لاهور ۾ نوازشريف سان ملاقات جو امڪان آهي. گذريل ڏينهن جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو هو ته حڪومت جي مسودي تي اعتراض ڪيو هو ڇو ته حڪومت جي مسودي سان عدليه ۽ عوام جا حق تباهه ٿي وڃن ها. فضل الرحمان چيو ته جيڪي شيون اسان رد ڪيون هيون اهي واپس ورتيون ويون هاڻ اميد آهي ته اسان جا مطالبا قبول ڪيا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔