پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد ملڪ ۾ 15 آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جي تجويز سامهون اچي وئي، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل مهانگو ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ به اگهه وڌڻ جو امڪان آهي.

ٻن هفتن ۾ لنڊن برينٽ آئل 6.90 ڊالر في بيرل مهانگو ٿيو ۽ لنڊن برينٽ آئل 71.98 ڊالرن مان وڌي 78.88 ڊالر في بيرل تي پهچي ويو.

ذريعن موجب پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن ۾ پيٽرول 4 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا 25 پئسا تائين واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، اهڙي ريت گاسليٽ 7 رپيا 85 پئسا ۽ لائيٽ اسپيڊ ڊيزل 8 رپيا 33 پئسا مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب منظوري ملڻ کانپوءِ نوان اگهه 16 آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندا، ان تجويز ۾ او ايم سي مارجن ۽ ڊيلرز مارجن ۾ واڌ جي تجويز شامل ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔