قومي ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ انتظاميه ۾ تسلسل پيدا ڪيو وڃي: مڪي آرٿر

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته حد کان وڌيڪ مشهوري رانديگرن کي حقيقت کان پري ڪري ٿي ۽ هو پاڻ کي پنهنجي حقيقي پوزيشن کان مٿانهون سمجهڻ لڳن ٿا.

انگلينڊ خلاف شڪست کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مڪي آرٿر نه رڳو رانديگرن جي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي پر ٽيم جي اعتماد ۽ ڪارڪردگي تي پوندڙ ناڪاري وارن عملن جو به ذڪر ڪيو.

هن چيو ته پاڪستاني رانديگر انتهائي باصلاحيت آهن ۽ درست رانديگر ئي ميدان ۾ موجود آهن پر ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ ضروري آهي ته چونڊ، ماحول ۽ انتظاميا ۾ تسلسل پيدا ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔