مراد شاهه ۽ ٻين جو نوري آباد پاور پلانٽ ڪيس ۾ بريت جو فيصلو جاري

اسلام آباد : احتساب عدالت سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين جو نوري آباد پاور پلانٽ ڪيس ۾ بريت جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جاچ ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين جو ذاتي فائدو کڻڻ جون ڪي به شاهديون نه مليون آهن. رڪارڊ ۾ اهڙو مواد موجود نه آهي جنهن سان پاور پراجيڪٽ تي وڌيڪ لاڳت لڳائي وئي هجي. نوري آباد پاور ڪمپني سرڪاري، نجي ڀائيواري جي تحت پهريون منصوبو آهي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته نوري آباد پاور پلانٽ پنهنجي ڊيزائن موجب بجلي مهيا ڪري رهيو آهي. رپورٽ موجب نوري آباد پاور پلانٽ 2019ع کان هينئر تائين منافعي بخش منصوبو آهي. نوري آباد پاور پلانٽ قومي ناڻي ۾ هر سال پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي ۽ ٽيڪس به ادا ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔