صدر هجان ها ته حماس يا حزب الله اسرائيل تي حملو نه ڪن ها

واشنگٽن: ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ۽ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن هو صدر هجي ها ته حماس يا حزب الله اسرائيل تي حملو نه ڪن ها.آمريڪي نائب صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار ڪملا هيرس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ جنگبندي معاهدي تي ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي. پر جيستائين ڪو معاهدو نه ٿيو، اهو بي معنيٰ آهي.ٻئي طرف ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هو صدر هجي ها ته حماس يا حزب الله اسرائيل تي حملو نه ڪري ها.هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين خلاف جهاد جي اجازت نه ڏيندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔