ماورا حسين جا سوشل ميڊيا تي 9 ملين فالوورز مڪمل، جشن

اسلام آباد: پاڪستان سميت پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ مشهور اداڪارا ماورا حسين جي سوشل ميڊيا تي مقبوليت ۾ واڌ ٿي آهي. ماورا حسين اداڪاري جي دنيا کانپوءِ هاڻي سوشل ميڊيا جي دنيا ۾ به مقبوليت حاصل ڪندي انسٽاگرام هينڊل تي 9 ملين فالوورز حاصل ڪري ورتا آهن. اداڪارا پنهنجا 9 ملين فالوورز ٿيڻ تي شاندار انداز ۾ جشن ملهايو، ان جشن لاءِ ماورا حسين اڇن پرن وارو خوبصورت لباس پهريو جنهن ۾ هوءَ گهڻي خوبصورت نظر اچي رهي هئي. ماورا حسين پنهنجي جشن جون ڪجهه دلڪش تصويرون به پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل تي پوسٽ ڪيون جن ۾ اداڪارا گهني خوش نظر آئي. هن 9 ملين فالوورز ٿيڻ تي پنهنجي مداحن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اڄ اسان 9 ملين آهيون، هڪ ڏينهن اسان 90 هزار 900 ملين به ٿينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔