ڪراچي: عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ سبب پاڪستان ۾ به سون مهانگو ٿي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 6 ڊالر واڌ سان 2653 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 600 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ 515 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 75 هزار 500 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت 2 لک 36 هزار 197 رپيا ٿي وئي آهي.