ايشين ماسٽرز اسڪواش چيمپيئن شپ عرفان اصغر کٽي ورتي

لاهور : گروپ ڪپتان عرفان اصغر ايشين ماسٽرز اسڪواش چيمپيئن شپ کٽي ورتي.50 کان 54 سالن جي عمر گروپ جي فائنل ۾ عرفان اصغر ڪورين رانديگر کي شڪست ڏني.ٽاپ سيڊ عرفان اصغر سيڪنڊ سيڊ ڪوريا جي ريان هو ڪوو کي ٽي صفر تان شڪست ڏئي ڇڏي.عرفان اصغر جي ڪاميابي جو اسڪور يارنهن ڇهن، يارنهن چار ۽ چوڏهن ٻارهن رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔