سوشل ميڊيا تي منهنجو ڪو به اڪائونٽ ناهي: انور مقصود

ڪراچي: مشهور ڊرامانگار، مزاحيا تنقيدنگار ۽ ليکڪ انور مقصود واضح ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا تي سندس ڪو به اڪائونٽ ناهي، سندس نالي سان سمورا اڪائونٽ ڪوڙا آهن.

انور مقصود جي نالي سان ڪيل پوسٽون هر ڏينهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿينديون رهنديون آهن، جنهن ۾ سياستدانن سميت ٻين اهم شخصيتن تي به تنقيد ڪئي ويندي آهي.

ٽوئيٽر ۽ فيس بڪ تي اهڙا ڪيئي اڪائونٽس آهن جن تي نه صرف انور مقصود جون تصويرون شيئر ڪيون وينديون آهن پر اهي اڪائونٽ ان جي نالي سان ٺهيل آهن ۽ مذڪوره اڪائونٽس سان نه صرف ليکڪ جي لکڻين جا ٽڪڙا شيئر ڪيا ويندا آهن پر ان جي ذريعي سياستدانن، فوجي جرنيلن، ڪاروباري ۽ سماجي شخصيتن تي به ڪنهن نه ڪنهن وقت تنقيد ڪئي ويندي آهي.

پر هاڻ هن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سوشل ميڊيا سائٽس تي سندس ڪو به اڪائونٽ ناهي.

انور مقصود تازو ئي پنهنجي نالي سان ٺهيل اڪائونٽ ذريعي حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) ۽ وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪرڻ کانپوءِ وضاحت ڪئي ته سندس ڪو به اڪائونٽ ناهي.

انور مقصود عوام کي گذارش ڪئي ته انهن ڪوڙن اڪائونٽن تي يقين نه ڪيو ۽ کيس اهي اڪائونٽ ختم ڪرائڻ ۾ مدد ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔