ڀارت ۽ بنگلاديش جون ميچن رد ڪرڻ جو مطالبو زور وٺڻ لڳو

ممبئي : ڀارت ۾ بنگلاديش سان ڀارت جون ڪرڪيٽ ميچون ملتوي ڪرڻ جو مطالبو زور وٺڻ لڳو،ڀارتي ميڊيا موجب گوا جي هندو جنا جاگروتي سميٿ نالي ساڄي ڌر جي گروپ ميچن کي منسوخ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گروپ جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ۾ هندن تي جاري ظلمن سبب ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ميچ نه ٿيڻ گهرجن.گروپ مطالبو ڪيو آهي ته ظلم بند ٿيڻ تائين ميچون نه ڪرايون وڃن. ڀارتي بورڊ کي خط لکيو ويو آهي ته جلد کان جلد ميچون ملتوي ڪيون وڃن.بنگلاديش ۽ ڀارت وچ ۾ 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي 20 ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي، ميچون چنائي، ڪانپور، گواليار، دهلي ۽ ڀارتي حيدرآباد ۾ کيڏيون وينديون.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ سڀاڻي کان چنائي ۾ کيڏي ويندي، ميچ دوران ڪيترن ئي هنڌن تي احتجاج جو خدشو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔