تائيوان مان خريد ڪيل پيجرز ۾ ڌماڪيدار مادو موساد فٽ ڪيو

بيروت: لبناني سيڪورٽي عملدارن جي حوالي سان رائٽر خبر ڏني آهي ته اسرائيل جي جاسوسي ايجنسي موساد 5,000 پيجرن جي اندر ڌماڪيدار مواد رکيو هو. لبناني گروپ حزب الله طرفان ڪجهه مهينا اڳ هي پيجر تائيوان مان امپورٽ ڪيا هئا. اڱاري وارن پيجر ڌماڪن ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 3 هزار جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا آهن، جن مان 200 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.زخمين ۾ ايراني سفير ۽ حزب الله جا ويڙهاڪ ۽ عام ماڻهو به شامل آهن. لبناني سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته پيجرز تائيوان جي گولڊ اپولو ڪمپني کان خريد ڪيا ويا هئا، پر ڪمپني هڪ بيان ۾ چيو ته اها ڊوائيس هنن نه ٺاهي هئي.ڪمپني جي بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي پيجر BAC نالي هڪ ڪمپني پاران ٺاهيا ويا آهن جن وٽ پنهنجي برانڊ استعمال ڪرڻ جو لائسنس آهي، پر ڪمپني وڌيڪ تفصيل نه ڏنا آهن. انٽرنيٽ سرچ دوران بي اي سي ڪمپني بابت ڪا به معلومات ميسر ناهي. حزب الله اسرائيل کان ڀرپور بدلو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔