آئيني ترميم جي معاملي تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي

اسلام آباد: آئيني ترميم جي منظوري لاءِ آچر تي رات دير تائين جاري رهندڙ قومي اسيمبلي ۽ گذريل ڏينهن 3 ڀيرا وقت جي تبديلي باوجود نه ٿيندڙ  سينٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ۽ نئين آئيني عدالت جي قيام سميت ٻئي ترميم جي منظوري لاءِ گذريل ڏينهن قومي اسيمبيل ۽ سينيٽ جا اجلاس طلب ڪيا ويا هئا پر مولانا فضل الرحمان ۽ اپوزيشن جي اعتراضن ۽ تجويزن سبب آئيني ترميم منظوري جي لاءِ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پيش نه ٿي سگهي.

ٻئي طرف سينيٽ جي اجلاس لاءِ به گذريل ڏينهن 3 ڀيرا وقت تبديل ڪيو ويو پر قومي اسيمبلي جو اجلاس ختم ٿيو ته ان کان پوءِ سينيٽ جون اختياريون آيون ۽ انهن ٻڌايو ته اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان آئيني ڪميٽي جا به گذريل ڏينهن 4 اجلاس ٿيا جنهن ۾ سمورين تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. پر ڪنهن به گڏيل نتيجي تي نه پهچڻ سبب راٿ دير سان اسپيڪر اجلاس اڄ سومر ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏيو هو.

اڄ به آئيني ترميم تي سمورين پارٽين جو راضپو نه هجڻ سبب پهريان سينيٽ ۽ پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔