سپريم ڪورٽ نيب ترميمي بل بحال ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نيب قانون ۾ ترميمن کي بحال ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ 6 جون تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف وفاقي سرڪار ۽ ٻِين جي انٽرا ڪورٽ اپيلن تي محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو.

17 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني ثابت نه ڪري سگهيو ته نيب ترميمون غير آئيني آهن، 3 رڪني بينچ جو فيصلو ثابت نه ڪري سگهيو ته نيب ترميمون آئين سان ٽڪراءَ ۾ هيون.

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس ۽ ججز پارليامينٽ لاءِ گيٽ ڪيپر بڻجي نه ٿا سگهن، پارليامينٽ ۽ عدليه جو آئين ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار واضح آهي.

نيب جو قانون اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف زبردستي اقتدار ۾ اچڻ جي 34 ڏينهن بعد ٺاهيو، جن سياستدانن يا سياسي جماعت پرويز مشرف کي جوائن ڪيو انهن کي نيب جي ڪيسن مان بري ڪيو ويو،

نيب قانون جو اصل مقصد سياستدانن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ يا سياسي انجنيئرنگ هو، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻڌڻي هلائيندڙ 5 رڪني بينچ ۾ جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي شامل رهيا، سمورن ججز فيصلي سان اتفاق ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔