فوج ۾ سخت احتسابي نظام تي عمل اداري جي استحڪام لاءِ لازمي آهي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي: فوج ۾ سخت احتسابي نظام تي عمل اداري جي استحڪام لاءِ لازمي آهي، ڪوبه ماڻهو احتسابي عمل کان مٿانهون ۽ آجو نٿو ٿي سگهي، پاڪ فوج پُختي عزم سان مضبوط ۽ سخت احتساب وسيلي پنهنجي قدرن جي پاسداري ڪندي آهي، احتساب ۾ ڪنهن به قسم جي جانبداري يا ڇوٽ جي گنجائش ناهي، آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ اظهار، ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ قرباني ڏيندڙ جوانن کي ڀيٽا پيش، آءِ ايس پي آر موجب فورم بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه ۾ سرگرم دشمن قوتن ۽ تخريبي ماڻهن جي تدارڪ لاءِ قدمن تي غور ڪيو، سندن اندروني ۽ ٻاهرين سهولتڪارن کي منهن ڏيڻ جي قدمن تي غور، ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ويو آهي ته فوج عوام جي حمايت سان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏنل قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏيندي، فوج منظم ادارو آهي، اُن جي هر ماڻهو جي وفاداري رڳو رياست ۽ پاڪ فوج سان آهي، ڪانفرنس ۾ آرمي چيف اثرائتي قانوني نظام جي اهميت کي اجاڳر ڪندي چيو ته پاڪ فوج دهشتگردن، انتهاپسندن ۽ ڏوهاري مافياز خلاف قانوني ڪارروائين ۾ سهڪار ڪندي، فوج پاران حڪومت، انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان جامع سهڪار ڪندي رهندي، فورم پاران فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم جي مذمت ۽ ڪشميرن سان ٻڌي جو اظهار

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔