آءِ ايم ايف صوبائي حڪومتن کي بجلي جي بلن تي سبسڊي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف بجلي جي بلن تي سبسڊي ڏيڻ تي اتفاق نه ڪيو، آءِ ايم ايف حڪومت کي سبسڊي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو موقف آهي ته مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون بجلي جي بلن تي سبسڊي ڏيڻ جو اختيار نٿيون رکن جڏهن ته آءِ ايم پنجاب طرفان بجلي جي بلن تي ڏنل سبسڊي تي پڻ اعتراض ڪيو آهي.

ذريعن چيو آهي ته آءِ ايم ايف موجب بجلي جي بلن تي سبسڊي سان قرض پروگرام جي منظوري خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف صوبن طرفان بجلي جي بلن تي سبسڊي تي سخت اعتراض ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سان ڪيل معاهدي جي تحت بجلي ۽ گيس جي بلن تي سبسڊي نٿي ڏئي سگهجي انهن شعبن ۾ سبسڊي جي ڪابه گنجائش نه آهي

ذريعن موجب آءِ ايم ايف سيپٽمبر تائين سبسڊي واپس وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته انهي سلسلي ۾ ناڻي واري وزارت خط لکي صوبائي حڪومتن کي بجلي جي بلن تي سبسڊي نه ڏيڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف موجب ترقياتي پروگرام جي لاءِ رکيل فنڊز کي بجلي جي بلن تي سبسڊي جي لاءِ مقرر نٿو ڪري سگهجي.

ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ڪنهن به قسم جي بنا ٽارگيٽ سبسڊي ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ اهڙو ڪوبه فيصلو نه ڪيو وڃي جنهن سان معاهدي کي ڪو خطرو پيش اچي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي ۾ صوبن به يقين ڏياريو هو ته صوبا به انهي معاهدي تي عمل ڪندا ته جيئن آءِ ايم ايف پروگرام منظور ٿي سگهي.

ٻئي طرف نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي تي اعتراض نه آهي، بي آءِ ايس پي جي ذريعي مستحق طبقي کي سبسڊي ڏئي سگهجي ٿي.

ياد رهي ته پنجاب حڪومت 2 مهينن جي لاءِ 200 کان 500 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي 14 روپين جو وڏو رليف ڏنو هو جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت به بجلي سستي ڪرڻ جو منصوبو وفاق جي حوالي ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔