چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ تي بحث ڪرڻ غير ضروري، نامناسب آهي: اعظم تارڙ

اسلام آباد:قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته قاضي فيض عيسيٰ واڌ نه ٿو چاهي، سندس باري ۾ بار بار چوڻ ته هو ايڪسٽينشن وٺي رهيو آهي درست ناهي، ان بابت ڳالهائڻ به غير ضروري آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ مون ۽ اٽارني جنرل آف پاڪستان تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو پنهنجي مدي ۾ واڌ جو خواهشمند ناهي.قانون واري وزير چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ معزز شخص آهي، سندس باري ۾ بار بار اهو چوڻ درست ناهي ته هو ايڪسٽينشن وٺي رهيو آهي.هن چيو ته منهنجي ميڊيا دوستن کي گذارش آهي ته هاڻي ڪنهن ٻئي موضوع تي ڳالهايون، چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه بار بار ڪرڻ غير ضروري آهي. اسان کي هاڻي انهن جي توسيع بابت ڳالهائڻ بند ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔