مودي جو پولينڊ مان واپسي تي پاڪستان جون فضائي حدون استعمال ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي : ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان پولينڊ مان ڀارت واپسي تي پاڪستان جون فضائي حدون استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ايوي ايشن ذريعن موجب ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو جهاز پولينڊ مان واپس ڀارت ويندي پاڪستان جي فضائي حدن مان گذريو، ڀارتي وزيراعظم جي جهاز 45 منٽن تائين پاڪستان جون فضائي حدون استعمال ڪيون.
ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي وزيراعظم جو جهاز چترال مان داخل ٿي لاهور مان ٿيندو امرتسر روانو ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔