سنڌ جو ناليوارو ڏاهو ۽ تاريخدان عطا محمد ڀنڀرو لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد: سنڌ جو ناليوارو ڏاهو ۽ تاريخدان عطا محمد ڀنڀرو 87 ورهين جي ڄمار ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

عطا محمد پهرين فيبروري 1936ع تي ڳوٺ بچل ڀنڀرو تعلقو سوڀوديرو ۾ جنم ورتو هو، جڏهن ته ڳوٺ حمزي رڪڻائي مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين.

جڏهن ته عطا محمد ڀنڀرو مئٽرڪ هاءِ اسڪول ٺري ميرواهه مان اپس ڪيائين.

عطا محمد ڀنڀرو انگريزي ڪتابن جو ترجمو پڻ ڪيو.

ذريعن موجب عطا محمد ڀنڀرو جي جنازي سڀاڻي سندس اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔