پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ چين کان وڌي ويو،1770 ڄڻا فوت

اسلام آباد:  پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙن جو انگ چين کان به وڌي ويو آهي ۽ 85 هزار 264 ماڻهن ۾ هن وائرس جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي جڏهن ته هڪ هزار 770 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران رڪارڊ 4 هزار 688 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سڄي ملڪ ۾ ٻن ڏينهن جي دوران رپورٽ ٿيندڙ ڪورونا ڪيسن جو انگ 9 هزار جي ويجهو پهچي ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب متاثر 30 هزار 120 مريض صحتياب ٿي ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 20 هزار 167 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پاڪستان ۾ ايڪٽو ڪيسن جو انگ 53 هزار 368 ٿي ويو آهي. پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ ڪورونا جا سڀني کان وڏيڪ مريض آهن جتي هينئر تائين 32 هزار 910 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. پنجاب ۾ 31 هزار 104، خيبرپختونخواهه 11 هزار 373، بلوچستان 5 هزار 224، اسلام آباد 3 هزار 544، آزاد ڪشمير 285 ۽ گلگت بلتستان ۾ 824 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔