پيٽرول سستو ٿيندي ئي کوٽ، ڪيترائي پمپ بند

اسلام آباد: ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند ٿيڻ سبب شهري سخت پريشان ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪجهه کليل پيٽرول پمپن تي پيٽرول ناياب ٿي ويو آهي. جنهن سبب شهرين سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽرن کي به سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ملڪ ۾ پيٽرول وارين شين جي اگهن ۾ لاٿ شهرين جي لاءِ پريشانيون پيدا ڪري ڇڏيون. اندرون ملڪ کان سپلاءِ نه اچڻ سبب ڪراچي، لاهور، ڪوئٽه ۽ ٻين شهرن جا مختلف پيٽرول پمپ بند ٿي ويا آهن ۽ جن پمپن تي پيٽرول ملي رهيو آهي اهي ٻيڻا اگهه وصول ڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ به گذريل 3 ڏينهن کان پيٽرول جي کوٽ برقرار آهي جنهن سبب شهر جي مختلف پيٽرول پمپن تي پيٽرول ناهي ملي رهيو جڏهن ته پمپن تي شهرين کي مهانگو هاءِ آڪٽين وجهرائڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.

اهڙي طرح  اندرون ملڪ کان بلوچستان کي به پيٽرول جي فراهمي ناهي ٿي سگهي. جنهن سبب ڪوئٽه  جي  ڪيترن ئي پيٽرول پمپن تي پيٽرول ناهي ملي رهيو. 3 کان 4 پمپ اهڙا آهن جتي محدود مقدار ۾ پيٽرول ملي ٿو جنهن کي وٺڻ جي لاءِ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن. جنهن پيٽرول پمپن تي پيٽرول ملي ٿو انهن به في ليٽر قيمت ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔