لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار، نون ليگ جي 3 ايم اين ايز جي رڪنيت بحال

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي نون ليگ جي ٽن ايم اين ايز جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواستون منظور ڪندي کين بحال ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ قومي اسيمبليءَ جي ٽن تڪن جي مختلف پولنگ اسٽيشنز ۾ ٻيهر ڳڻپ جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
سپريم ڪورٽ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪندي نون ليگ اڳواڻن جون اپيلون منظور ڪري ورتيون ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو ان حوالي سان فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جو اين اي 79، 81، 154 تي آزاد اميدوارن جي ڪاميابي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ نون ليگي اميدوارن جي ڪاميابي جو اليڪشن ڪميشن وارو فيصلو برقرار رکيو.
سپريم ڪورٽ 2-1 جي اڪثريتي فيصلي سان اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو، جسٽس عقيل عباسي اختلافي فيصلو ڏنو جڏهن ته اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي ان جي فيصلي جو احترام ٿيڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن اليڪشن ڪميشن جي سربراهه ۽ ميمبرن لاءِ غيرضروري رمارڪس ڏنا، لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار نه ٿو رکي سگهجي.
عدالت ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪندي نون ليگي ايم اين اي اظهر قيوم ناهرا، عبدالرحمان ڪانجو ۽ ذوالفقار احمد جي قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته اين اي 154 تي فراز نون، اين اي 81 تي بلال اعجاز ۽ اين اي 79 تي احسان ورڪ کي ڪامياب قرار ڏنو ويو هو، نون ليگي اميدوار عبدالرحمان ڪانجو، اظهر قيوم ۽ ذوالفقار احمد ٻيهر ڳڻپ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو، ٻيهر ڳڻپ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن نون ليگ جي ٽنهي اميداورن کي ڪامياب قرار ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔