اسماعيل هنيه جي شهادت: اسرائيل ايراني ايجنٽن جي مدد سان ڌماڪو ڪيو: برطانوي اخبار جو انڪشاف

لنڊن:  برطانوي اخبار انڪشاف ڪيو آهي ته اسرائيل فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي اڳواڻ اسماعيل هنيه کي ايراني ايجنٽس جي مدد سان نشانو بنايو.

برطانوي اخبار دي ٽيليگراف جي رپورٽ موجب اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي موساد حماس جي اڳواڻ اسماعيل هنيه جي استعمال هيٺ گيسٽ هائوس جي 3 ڪمرن ۾ ايراني سيڪيورٽي ايجنٽن جي مدد سان ڌماڪيدار مواد لڳايو هو.

اخبار موجب اسماعيل هنيه ايران جي دوري دوران اڪثر ڪري انهي عمارت ۾ ترسندو هو. اصل منصوبي جي تحت اسماعيل هنيه کي مئي 2024 ۾ جهاز حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي موقعي تي قتل ڪرڻو هو پر انهي منصوبي کي پورو ڪرڻ ۾ دير انهي لاءِ ڪئي وئي هئي ته انهي وقت عمارت ۾ ماڻهن جو وڏو انگ جمع هو ۽ آپريشن ۾ ناڪامي جا امڪان وڌيڪ هئا.

برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني اختيارين وٽ عمارت جي سي سي ٽي وي موجود آهي جنهن ۾ ايجنٽن کي لڪندي ڪمرن ۾ انتهائي تيزي سان ايندي ويندي ڏسي سگهجي ٿو. ڌماڪيدار مواد لڳائيندڙ ايجنٽ ايران ڇڏي چڪا هئا پر ايران ۾ سندس هڪ ساٿي سان انهن جو تعلق قائم هو، ڌماڪيدار مواد کي ايران جي ٻاهران ريموٽ ڪنٽرول جي ذريعي تباهه ڪيو ويو. جڏهن ته جاچ جي دوران ٻين 2 ڪمرن مان ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه کي 31 جولاءِ تي ايران ۾ شهيد ڪيو ويو. اسماعيل هنيه ايران جي صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ايران ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔