اسلام آباد: آءِ ٽي بابت مملڪي وزير شزا فاطما خواجا چيو آهي ته سموري سوشل ميڊيا کليل آهي، سوشل ميڊيا کي فائر وال ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ افواهه کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شزا فاطما خواجا چيو ته فائروال سان سوشل ميڊيا مواد تي ڪنٽرول ڪرڻ مفروضو آهي، بنا سبب شين کي تڪراري بڻايو ويندو آهي، سموري سوشل ميڊيا کليل آهي.
هن چيو ته ايڪس کي به ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جيان پاڪستاني قانونن جي پاسداري ڪرڻي پوندي، حڪومت کي عوام جو آواز دٻائڻو هجي ها ته ٽِڪ ٽا ۽ فيسبڪ بند ڪري ها.
هن چيو ته ايڪس طرفان پاڪستاني قانونن تي عملدرآمد نه ڪرڻ مسئلو آهي، ٽِڪ ٽاڪ مقامي قانونن تي پنجانوي سيڪڙو عملدرآمد ڪري ٿو.