ايف بي آر چيئرمين امجد زبير جي استعيفيٰ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف ريونيو ( ايف بي آر ) جي چيئرمين امجد زبير ٽوانا وقت کان اڳ استعيفيٰ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب، امجد زبير ٽوانا خميس تي وزيراعظم سيڪريٽريٽ کي پاڻ کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست ڪئي پر ٻه ڏينهن انتظار ڪرڻ کانپوءِ امجد زبير لکت ۾ وزيراعظم کي پنهنجي استعيفيٰ اُماڻي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته استعيفيٰ ڏيڻ کان اڳ امجد زبير ٻن کان وڌيڪ ڪابينا ميمبرن سان صلاح مشورو به ڪيو ۽ ڪابينا ميمبرن به امجد زبير کي استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو هو.
ذريعن موجب، ايف بي آر جي سينيئر آفيسرن به امجد زبير ٽوانا سان سهڪار نه ڪري رهيا هئا، هن وقت ايف بي آر ۾ 21 کان وڌيڪ آفيسر امجد زبير کان سينيئر آهن.
ذريعن موجب، امجد زبير ٽوانا کي پي ڊي ايم حڪومت ۾ تڏهوڪي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار مقرر ڪيو هو ۽ کيس موجودا نائب وزيراعظم جي ويجهو سمجهيو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔