جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس مظهر عالم سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل بطور سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج جي طور تي حلف کڻي ورتو آهي.

چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ججز کان حلف ورتي، حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز ۽ اٽارني جنرل انور منصور اعواڻ شرڪت ڪئي.

ياد رهي ته جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل جي مقرري هڪ سال لاءِ ڪئي وئي آهي، ٻنهي ججز جي بطور ايڊهاڪ ججز نالي جي منظوري جوڊيشل ڪونسل جي اجلاس ۾ ڏني وئي هئي، جنهن کان پوءِ صدر پاڪستان آصف علي زرداري ٻنهي ججز جي مقرري کان پوءِ صحيحون ڪري ڇڏيون هيون.

ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججز کي سازش قرار ڏيندي جوڊيشل ڪميشن کان ايڊهاڪ ججز جي مقرري کي روڪڻ جي استدعا به ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔