اسلام آباد: حڪومت سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف مهم جي جاچ لاءِ پنج رڪني جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، جي آءِ ٽي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ( پيڪا ) ايڪٽ جي سيڪشن 30 تحت جوڙي وئي آهي.
نوٽيفيڪشن ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي ٽيم سربراهي آءِ جي اسلام آباد کي سونپي وئي آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي جو ڊائريڪٽر سائبر ڪرائم، ڊائريڪٽر سي ٽي ڊيبلو، ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن اسلام آباد، سي ٽي ڊي اسلام آباد جو ايس ايس پي ڪميٽي ۾ شامل آهن.
نوٽيفڪيشن موجب، جي آءِ ٽي سوشل ميڊيا تي بدنيتي تي ٻڌل مهم ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري ۽ وڳوڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن ۽ سندن سهولتڪارن جي مقصدن جي جاچ ڪندي.
ان کانسواءِ جي آءِ ٽي قانون موجب جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي پڻ ڪندي.
پچھلی پوسٹ