نيپال ۾ جهاز سان حادثو، 18 ڄڻا اجل جو شڪار

کٽمنڊو : نيپال ۾ هڪ جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سائوريا ايئرلائين جي ايئرڪرافٽ کٽمنڊو جي ٿربون انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حادثي جو شڪار ٿي وئي، حادثو 24 جولاءِ جي صبح 11 وڳي پيش آيو، جتي جهاز اُڏام ڀريندي ئي حادثي جو شڪار ٿي ويو .
رپورٽ موجب، جهاز ۾ ڪريو ميمبرن سميت 19 ڄڻا سوار هئا جنهن ۾ 18 ڄڻن جي فوتگي جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته حادثي کانپوءِ کٽمنڊو جي ٿربون انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي بند ڪيو ويو آهي.
مقامي انتظاميا موجب، جهاز حادثي جا ڪارڻ فوري طور معلوم ناهن ٿي سگهيا جڏهن ته حادثي ۾ حياتي وڃائيندڙن جي مڙهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پائليٽ کي زخمي حالت ۾ جهاز مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.
رپورٽس موجب، جهاز اُڏام ڀرڻ وقت رن وي تان تِرڪڻ سبب حادثي جو شڪار ٿيو جنهن کانپوءِ جهاز کي فوري طور باهه وڪوڙي وئي، ريسڪيو اهلڪارن ترت ڪارروائي ڪندي باهه تي ظابطو آندو ۽ لاشن کي جهاز مان ٻاهر ڪڍيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔