جبل چاڙهو ثمينه بيگ مڪمل علاج لاءِ اسلام آباد منتقل

اسلام آباد: پاڪستاني جبل چاڙهو عورت ثمينه بيگ کي ايئر ايمبولينس ذريعي اسلام آباد پهچايو ويو.ان حوالي سان ثمينه بيگ جي ڀاءُ محبوب علي جو چوڻ آهي ته ثمينه بيگ سڄي رات ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ رهي ۽ کيس مڪمل علاج لاءِ اسلام آباد منتقل ڪيو ويو.ثمينه جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس ڪي 2 بيس ڪيمپ کان اسڪردو آندو ويو، ان حوالي سان پرڏيهي ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته ثمينه بيگ جي ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ سبب سندس حالت خراب ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔