شاهه محمود قريشي اڊيالا جيل مان لاهور منتقل

راولپنڊي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان لاهور منتقل ڪيو ويو.جيل ذريعن موجب شاهه محمود قريشي کي اڄ صبح اڊيالا جيل کان سخت سيڪيورٽي ۾ لاهور منتقل ڪيو ويو.جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي کي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي تي لاهور ۾ 9 مئي تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن، پوليس 9 مئي تي جيل ۾ قيد شاهه محمود قريشي کان به جاچ ڪري رهي آهي. وڪيل بئريسٽر تيمور ملڪ جو چوڻ آهي ته لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جا جج اڄ 9 مئي تي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندا، شاهه محمود قريشي کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔