پرويز ، پٽ ۽ سندس ننهن جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت پرويز الاهي، پٽ راسخ الاهي ۽ ڌيءَ زارا الاهي جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ٿيڻ سبب مختلف ڪيسز ۾ نالا شامل هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔