موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي: موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي، ٺٽو، بدين ۽ سجاول سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ تيز طوفان ۽ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ اسلام آباد، پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪجهه هنڌن تي به برسات پئجي سگهي ٿي.

آچر تي ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گرمي پد تربت ۾ 49 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ان کان علاوه دالبدين 43، لسبيله، نوڪنڊي 42، نوابشاهه 40، ڪوئٽه، ڪراچي 37، اسلام آباد،  لاهور، ڊيرا غازي خان، فيصل آباد، پشاور 34، مظفر آباد 31 ۽ گلگت ۾ 30 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔