گهرو وزير سان آمريڪي وفد جي ملاقات، پاڪستاني نرسز کي آمريڪا اماڻڻ تي اتفاق

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستاني نرسز کي آمريڪا اماڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا.

نيويارڪ اسٽيٽ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر فل راموس ۽ ان جي وفد اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، تعليم، صحت، پوليسنگ ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات ۾ ڪواليفائيڊ پاڪستاني نرسز کي ضروري پراسيس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ نوڪري جي لاءِ نيويارڪ اماڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان طريقيڪار کي حلد حتمي شڪل ڏني ويندي.

ڊپٽي اسپيڪر نيويارڪ اسيمبلي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي نيارڪ جي دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته آمريڪا ۾ ڪواليفائيڊ نرسز جي کوٽ آهي ۽ پاڪستان ۾ ان حوالي سان تمام گهڻي پوٽينشل آهي، ٻنهي طرفن کان رابطا وڌائڻ سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو.

محسن نقوي چيو ته پنهنجي دور ۾ پنجاب ۾ نرسنگ شعبي تي خاص ڌيان ڏنو ۽ نرسنگ شاگردياڻين جو تعداد ٻيڻو ڪيو. اسلام آباد ۾ به نرسز جي انگ ۾ اضافي جو پلان ٺاهيو آهي، پاڪستاني ڪواليفائيڊ نرسز کي نيويارڪ اماڻڻ جي لاءِ فوري طور تي ضروري قدم کنيا ويندا.

هن چيو ته منهنجي تازي نيويارڪ جي دوري ۾ اسلام آباد پوليس ۽ نيويارڪ پوليس ڊپارٽمينٽ وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي به مثبت ڳالهيون ٿيون. اسلام آباد پوليس جو وفد جلد نيويارڪ جو دورو ڪندو.

آمريڪي وفد ۾ نيويارڪ اسيمبلي جي ميمبر ايلڪ ڪرانسي، آمريڪن پاڪستاني پبلڪ افيئرز جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز احمد، صدر نيويارڪ چيپٽر طارق خان، صدر امتياز راهي، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پرويز اقبال، اڳوڻو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اطهر ترمذي ۽ نائب صدر ٽيڪساس ڊاڪٽر خالد محمود شامل هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔